صادق علي ڪنڀر

صادق علي ڪنڀر: صوفي شاعر فقير صادق علي ڪنڀر 1897ع ڌاري ڳوٺ ٻنڊي موٽايو، تعلقي سوڀي ديري، ضلعي خيرپور ۾ محمد صفر ڪنڀر جي گهر ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ ۾ ديني تعليم حاصل ڪرڻ بعد مخدوم جهانيان فقير غلام مهدي شاهه جو طالب ٿيو. هو شروع ۾ عشق مجازي ۾ ورتل هو، پر پوءِ صوفياڻي رنگ ۾ رنگجي ويو. سندس ڀاءُ ملان هوندو هو، ان ڪري ٻنهي ڀائرن جو پاڻ ۾ تڪرار رهندو هو، جنهن سبب هو ٻنڊي موٽايو مان لڏي ڳوٺ وڏا لاکا ۾ رهڻ لڳو. ڪجهه عرصي بعد ڳوٺ جي وڏيري جي رويي مان تنگ ٿي ڳوٺ جي اولهندي پاسي قبرستان ڀرسان جهنگ ۾ مئخانو اڏي رهڻ لڳو. اتي هن جهنگ وڍي، کوهه کوٽي ان تي نار هڻائي زمين آباد ڪري هڪ ٽڪري تي باغ به پوکيو. فقير عشق مجازي جون منزلون طئه ڪري عشق حقيقي تي پهتو. ڪيترائي ماڻهو اچي وٽس فيضياب ٿيا، جن مان هدايت علي فقير ناريجو، عنايت علي فقير کهڙو ۽ امانت علي فقير ڏهر باگڙجي وارو قابل ذڪر آهن. فقير نثر ۾ تصوف جي اهم نقطن تي لکيو آهي، جڏهن ته شاعري ۾ ڪافي، غزل، قصيده، بيت، ڏوهيڙو، ٽيهه اکريون ۽ سنڌ جي قديم صنف ڇلو پڻ لکيو اٿس. ان کان سواءِ هنديءَ ۾ شبد به لکيا آهن. هن پنهنجي قلمي نسخي ‘حاصل ولايت’ ۾ ڪافي ۽ غزل کي مختلف سرن ڀيروي، پهاڙي، راڻو، تلنگ، وهاڳ، سارنگ، بروو، ڌناسري، آسا، پرڀاتي، ڪلياڻ ۽ سورٺ ۾ لکيو آهي. فقير راڳ جو به پارکو هو. هن 58 سالن جي عمر ۾ 1955ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ صادق علي ڪنڀرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو